پاتڻي چارو

پاتڻي چارو: ’چارو‘ يعني پيچرو. درياهه جي لهڻ چڙهڻ سان تڙ پيا بدلبا آهن ۽ ڪناري کان گهڻو هٽيل هوندا آهن، جنهنڪري مسافرن کي گپ چڪ ۽ ڌٻڻ مان پتڻ تائين پهچڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ پاتڻي، پتڻ تي پهچڻ لاءِ سُڪل يا ڏاڍيءَ گپ تي چارو (پيچرو) ٺاهي، انهيءَ چاري تي ”لکا نشان“ کوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن نشانن وارو چارو ڏئي مسافر پتڻ واري هنڌ تي آسانيءَ سان پهچن. خاص ڪري سرءُ جي مند ۾ ڪٿي ڪٿي ڌٻڻ به هوندي آهي، انهيءَ ڪري پاتڻي چارا ٺهرائيندا آهن ته جيئن چوپايو مال يا ڪو وهٽ ڌٻڻ ۾ ڦاسي نه پوي. اهڙي چاري يا پيچري کي ’پاتڻي چارو‘ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو